شيخ محمد اسماعيل

شيخ محمد اسماعيل

شيخ محمد اسماعيل

شيخ محمد اسماعيل: لوڪ ادب ۽ لغت نويسيءَ جي ماھر، عالم ۽ استاد شيخ محمد اسماعيل 21 جنوري 1924ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ھن پنھنجي ابتدائي ۽ ثانوي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ورھاڱي کان اڳ گورنمينٽ اسڪول (نور محمد ھاءِ اسڪول) مان تعليم مڪمل ڪري، پنھنجي والد احمد شيخ (جيڪو انگريز دؤر ۾ تعليم کاتي جي ميونسپل اسڪول جو ھيڊ ماستر ۽ خلافت تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ھو) جي خواھش تي، مارچ 1948ع ڌاري تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. علمي ادبي ذوق سبب، مشھور اديبن ۽ عالمن سان سندس ويجهڙائپ رھي، اھو ئي سبب ھو جو 1951ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ پاران سنڌي لوڪ ادب ۽ سنڌي لغت اسڪيم شروع ٿي تھ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شيخ محمد اسماعيل کي بھ ان ڪم ۾ شامل ڪيو. لوڪ ادب ۽ لغت اسڪيم سان گڏ شاھھ جي رسالي جي ترتيب واري رٿا، علامھ آءِ. آءِ. قاضي تحقيقي اشاعتي رٿا، مھراڻ آرٽس ڪائونسل جي اشاعتي سلسلي ۽ ٻين ڪمن ۾ بھ ڊاڪٽر بلوچ سان ھمڪار ۽ ٻانھن ٻيلي ٿي رھيو. لغت ۽ لوڪ ادب رٿائن جي آفيس اولڊ ڪئمپس حيدرآباد ۾ قائم ٿي ته هن ڪيترن ئي عالمن، اديبن سان گڏجي ڪم جي شروعات ڪئي ۽ پوري اڌ صدي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ساٿيءَ طور سندس ڪم ۾ مددگار رھيو. شيخ محمد اسماعيل سان گڏ محمد بخش واصف، سردار علي شاھھ ذاڪر، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، اِبن حيات پنھور، ولي محمد طاھرزادو، استاد محمد يعقوب ميمڻ، طالب لوھار، ممتاز مرزا، شيخ عزيز، محمد حسين ڪاشف، عبدالقيوم صائب ۽ ٻيا انهن رٿائن ۾ شامل رھيا. پاڻ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان گڏ مطالعاتي دورن، لوڪ ادب جي ڪچھرين ۽ ڀٽ شاھھ ۾ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ بھ ساٿي رھيو. هڪ استاد جي حيثيت ۾ پرائمري استادن جي نمائنده جماعت (پ ٽ الف) جي پھرئين باني صدر مرحوم جان محمد جماليءَ جو دوست ۽ ساٿي رھيو. گورنر نور خان جي ڏينھن ۾، مطالبن جي مڃتا لاءِ استادن جي اڳواڻ طور گورنر ھائوس آڏو ڌرڻو ھنيو، جنھنڪري 8 مھينن لاءِ ملازمت مان بيدخل به ٿيو. تعليمي ماهر طور سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي پرائمري سطح تائين ڪورس واري ڪميٽيءَ جو ميمبر رھيو. جنوري 1986ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ سمورو وقت لغت آفيس جي رٿائن جي تڪميل ۾ گذاريو. علمي ادبي خدمتن جي اعتراف طور 1998ع ۾ کيس ثقافت کاتي طرفان شاھھ لطيف اوارڊ ڏنو ويو. فيبروري 1999ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي تياريءَ واري اھم رٿا جي سلسلي ۾ ڪارڪنن جي ھڪ ٽيم سندس حوالي ڪئي. مختلف ڪتابن جي اڀياس ۽ ضلعي ڪاميٽين جي نيٽ ورڪ وسيلي انسائيڪلو پيڊيا جو ھڪ ھزار صفحن تي مشتمل (الف- ٻ) پھريون جلد سندس نگرانيءَ ۾ تيار ٿيو. مشھور براڊ ڪاسٽر شيخ محمد ابراھيم ۽ مشھور صحافي شيخ عزيز سندس ننڍا ڀائر ھئا. 22 جنوري 2004ع تي، جگر جي سوڄ سبب ٽنڊي آغا ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين ٽنڊي آغا جي جُمن شاھھ قبرستان ۾ ٿي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ذڪر ڪيل اُھو پھريون جلد، سندس وفات کان پوءِ 2009ع ۾ نگران طور سندس نالي سان شايع ٿيو.


لفظ شيخ محمد اسماعيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.01-21  عيسوي

شيخ محمد اسماعيل 21 جنوري 1924ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


2002.01.22  عيسوي

شيخ محمد اسماعيل 22 جنوري 2004ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالقدير ڪاڃون
زائر نظام
روشن سندر چانڊيو
حيدر سنڌي ڊاڪٽر
مرتضيٰ سيال
عبدالحق عظيم
ناصر بلوچ
لياقت جوڻيجو
روشن علي تنيو
ناز سنائي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون